ڀارت سنگيت وديا

ڀارت سنگيت وديا (ڪتاب ):ڀارت سنگيت وديا نالي هندوستان جي ويدڪ دور کان وٺي جديد دور جي سازن تي لکيل هيءُ ڪتاب، لوڪ گرنٿ مالا سلسلي جو 346 هون ڪتاب آهي، جيڪو، ڊاڪٽر لال ماني مشرا جو لکيل آهي. هن جو پهريون ڇاپو 1973ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو 2002ع ۾ دهليءَ مان شايع ٿيو. ڊاڪٽر مسرا هي ڪتاب هنديءَ ۾ لکيو هو، جنهن جو انگريزي ترجمو هند سرڪار ڪرايو آهي. هي باتصوير ڪتاب آهي. هن ۾ ڪل 14 باب آهن، جن جو مختصر تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(1) پهرئين باب ۾ ڳائڻ، وڄائڻ، نچڻ ۽ سازن جي جنسن بابت وچور ۽ تفصيل ڏنل آهن.
(2) باب ٻئي ۾ سنگيت ۽ ان سان واسطورکندڙ موضوعن تي بحث ڪيو ويو آهي.
(3) باب ٽيون تال وديا بابت آهي.
(4) باب چوٿون آواند وديا يعني آواز بابت آهي.
(5) باب پنجون شيشر وديا- يعني ڦوڪ يا هوا وارن سازن بابت آهي.
(6) ڇهون باب گهن وديا- يعني ضرب وارن سازن بابت آهي.
(7) باب ستين ۾ جل ترنگ، گهنگهرو نگ، ڪَنس، ترنگ وغيره بابت ڄاڻ ڏنل آهي.
(8) اٺين باب ۾ نون، پراڻن ۽ وچئين زماني جي سازن جي وچ ۾ فرق جو جائزو ورتو ويو آهي.
(9) نائين باب ۾ جديد سازن جي اوسر تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي.
(10) ڏهين باب ۾ سازن جي بناوت تي بحث ڪيو ويو آهي.
(11) يارهين باب ۾ لوڪ سازن جو تفصيل ڏنو ويو آهي.
(12) ٻارهين باب ۾ جديد سازن جي سنگيتي ويڪر، پهچ ۽ اثر انگيزيءَ بابت لکيو ويو آهي.
(13) تيرهين باب ۾ سازن جي شڪل صورت ۽ بيهڪ بابت ٻڌايو ويو آهي.
(14) چوڏهين باب ۾ هندوستاني سازن جي اوسر بابت لکيو ويو آهي.
هي ڪتاب سنگيت ڪلا سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ وڏو ڪارائتو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو